مواد ڏانھن هلو

قوس (جاميٽري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گول جو سيڪٽر سائي رنگ سان ڏيکاريل ان جي L نشان وارو ونگ وارو حصو قوس سڏبو آهي

قوس (Arc)[1][2] (علامت: ) ونگ ۾ ٻن نقطن جي وچ ۾ ان ونگ جو لاڳيتو حصو قوس سڏبو آهي.[3] گول ۾ ٻہ نقطا ٻہ قوس ٺاھيندا آھن.[3] جيڪڏهن گول جو دائرو (Circle) گول جي چوڌاري ليڪ (circumference)،</ref> ٻن اڻ برابر حصن ۾ ورھايل ھجي تہ ان جو ننڍو حصو ننڍو قوس ۽ وڏو حصو وڏو قوس سڏبو آهي.[3] اقليدس جي جاميٽري ۾ قوس ھڪ ونگ جو نالو آهي جيڪو تفرقي فنڪشن (Differentiable Function) واري ونگ (Curve) جي لاڳاپيل جاء (Connected Space) جو ماتحت سيٽ آھي. ليڪ جاميٽري جا قوس لڪيري حصا (Line Segment) يا شعاع (Rays) جاميٽري ۾ ٻن نقطن جي وچ واري ليڪ جنھن کي شعاع (Ray) سڏبا آهن. ونگ جو ھڪ عام مثال دائري جو قوس آھي. گولي (sphere) يا بيضوي گولي (spheroid) جي شڪل ۾ وڏي دائري واري ھنڌ کي ان گولي يا بيضوي گولي جو وڏو قوس (Great Arc) چوندا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Arc | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  2. "Arc word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  3. 3.0 3.1 3.2 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# 18